Sindhtv News
  • پاڪستان
  • سنڌ
  • بين الاقوامي
  • ڪاروبار
  • رانديون
  • شوبز
  • دلچسپ ۽ عجيب
  • پروگرامز
    • حيدرآباد ٽائيم
    • جيڪب آباد ٽائيم
    • لائيف لائين
    • ڪراچي ڊائري
    • هاٽ اشوز
    • جائزو
    • بهائينڊ دي نيوز
    • راڄڌاني ٽائيم
    • منظر پسمنظر
    • شهيد بينظير آباد ٽائيم
    • ڪلاس روم
    • حقيقت
    • کيتي سر سيتي
    • اسپورٽس باڪس
    • نيو جنريشن
    • وستي وستي
    • سکر ٽائيم
    • ميرپورخاص ٽائيم
  • هيڊلائينز
  • وڊيوز
  • آرڪائيو
    • رپورٽس
    • ڊاڪيومينٽريز
W3Schools
Sindhtv News
  • پاڪستان
  • سنڌ
  • بين الاقوامي
  • ڪاروبار
  • رانديون
  • شوبز
  • دلچسپ ۽ عجيب
  • پروگرامز
    • حيدرآباد ٽائيم
    • جيڪب آباد ٽائيم
    • لائيف لائين
    • ڪراچي ڊائري
    • هاٽ اشوز
    • جائزو
    • بهائينڊ دي نيوز
    • راڄڌاني ٽائيم
    • منظر پسمنظر
    • شهيد بينظير آباد ٽائيم
    • ڪلاس روم
    • حقيقت
    • کيتي سر سيتي
    • اسپورٽس باڪس
    • نيو جنريشن
    • وستي وستي
    • سکر ٽائيم
    • ميرپورخاص ٽائيم
  • هيڊلائينز
  • وڊيوز
  • آرڪائيو
    • رپورٽس
    • ڊاڪيومينٽريز
W3Schools
Sindhtv News
W3Schools
Home پاڪستان
ڪراچي انٽرنيشنل ايئرپورٽ ويجهو لاهور کان ايندڙ پي آءِ اي جو مسافر جهاز ڪري تباهه ٿي ويو

ڪراچيءَ ۾ پي آءِ اي جي جهاز سان ٿيل حادثي ۾ فوت ٿيل ماڻهن جو انگ وڌي 97 ٿي ويو آهي،

by sindhtv
مَي 23, 2020
in پاڪستان
0
0
SHARES
13
VIEWS
Share on FacebookShare on Twitter

ڪراچيءَ ۾ پي آءِ اي جي جهاز سان ٿيل حادثي ۾ فوت ٿيل ماڻهن جو انگ وڌي 97 ٿي ويو آهي، جڏهن ته رڳو 2 ڄڻا معجزاڻي طور محفوظ آهن.

صحت کاتي موجب 66 لاشن کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ 20 عورتون، 43 مرد ۽ 3 ٻارڙا شامل آهن.

صحت کاتي موجب سمورن لاشن جو جناح اسپتال ۾پوسٽ مارٽم ڪيو ويو، 16 لاشن جي سڃاڻپ ڪئي وئي، جڏهن ته 50 لاشن جي سڃانپ نه ٿي سگهي آهي.

صحت کاتي ٻڌايو ته سول اسپتال ۾ 31 لاش منتقل ڪيا ويا آهن جنهن ۾ 6 عورتون ۽ 25 مرد شامل آهن.

صحت کاتي موجب سول اسپتال ۾ رڳو ٽن لاشن جي سڃاڻپ ٿي جڏهن ته 28 لاشن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.

امدادي ڪارڪنن موجب سول ۽ جناح اسپتال مان هن وقت تائين لاشن کي ايڌي سرد خاني سهراب ڳوٺ ۽ ايف ٽي سي ڇيپا سرد خاني منتقل ڪيو ويو آهي.

امدادي اختيارين موجب سمورن لاشن کي ڊي اين اي لاءِ نمونا حاصل ڪرڻ کانپوءِ منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته اڃا تائين رڳو 19 لاشن جي سڃاڻپ ٿي سگهي آهي، جڏهن ته 12 ڄڻن جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا آهن.

پاڪ فوج جي ترجمان موجب حادثي واري هنڌ تان 97 لاش ڪڍيا ويا، جڏهن ته رڳو 2 مسافر محفوظ آهن.

ترجمان موجب علائقي جي 25 گهرن کي ڪليئر قرار ڏنو ويو آهي ۽ متاثر گهرن جا رهواسي مختلف هنڌن تي ترسيل آهن.

نادرا ترجمان موجب حادثي ۾ فوت ٿيل اڪثر ماڻهن جا لاش سڙيل آهن، جيڪي سڃاڻي نه ٿا سگهجن.

هن چيو ته ٽن فوتين جا موقعي تي آڱوٺي جا نشان حاصل ڪيا ويا آهن جنهن مان ٻن جي نادرا سڃاڻپ ڪئي آهي.

ٻئي طرف ڪراچي پوليس چيف غلام نبي ميمڻ چيو ته لاشن جي سڃاڻپ لاءِ ٽيم ۾ ٽي فوڪل پرسن مقرر ڪيا ويا آهن، فوتين جي سڃاڻپ ڊي اين اي ذريعي ڪئي ويندي.

هن چيو ته ايس ايس پي جاچ ڪورنگي جنيد احمد ٽيم جي سربراهي ڪندو، ڊي ايس پي رستم سول اسپتال ۾ مقرر هوندو، جڏهن ته جناح اسپتال ۾ ڊي ايس پي آفتاب عالم ڊيسڪ جي نگراني ڪندو.

ڊي سي ڪورنگي موجب جهاز ماڊل ڪالوني جناح گارڊن جي بلاڪ اي ۾ ڪري تباهه ٿيو جنهن ۾ 19 گهرن کي نقصان پهتو جنهن ۾ 2 گهر مڪمل طور سڙي تباهه ٿي ويا.

هن چيو ته حادثي ۾ ڪالوني جو ڪو به ماڻهو فوت نه ٿيو آهي، رڳو ٽي عورتون زخمي ٿيون آهن کين اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته متاثر گهرن جي 16 رهواسين کي شاهراهه فيصل تي قائم هوٽل ۾ ترسايو ويو آهي جن کي هر قسم جي سهولت فرهام ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

ماڊل ڪالوني ۾ تباهه ٿيل جهاز جي فوتين ۽ زخمين کي ڪڍڻ لاءِ سرچ آپريشن مڪمل ڪيو ويو آهي جنهن کانپوءِ جهاز جا ڍير هٽائڻ جو ڪم ڪيو پيو وڃي.

وزيراعظم عمران خان جهاز حادثي جي فوري طور جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

وزيراعظم عمران خان جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جي منظوري ڏيندي چيو ته جاچ ڪميٽي فوري طور جاچ شروع ڪري.

وزيراعظم لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته جھاز حادثي جي جاچ بنا دير شروع ڪئي وڃي جنهن لاءِ وفاقي سرڪار جي باضابطا منظوري جو انتظار نه ڪيو وڃي.

ان سلسلي ۾ وزيراعظم آفيس لکت هدايتون جاري ڪيون ويون آهن………..

(Visited 13 times, 1 visits today)

لاڳاپيل خبرون

وزيراعظم عمران خان ڪراچي جي دوري تي پهچي ويو آهي.
سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي سيل ڪيل مارڪيٽ کولڻ جي اجازت ڏني وئي آهي
شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 67 هين سالگرهه ڪورونا وائرس جي ڪري انتهائي سادگيءَ سان ملهائي وئي
پرڏيه ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي واپس آڻڻ جو سلسلو جاري
ShareTweetShare
Previous Post

جڏهن جهاز جهٽڪا کاڌا ته ائين لڳو لينڊنگ ٿي رهيو آهي پر ايندڙ لمحي ۾ زوردار ڌماڪو ٿيو، محمد زبير

Next Post

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ماڪڙ فصلن توڙي باغن تي حملو ڪري کائي ناس ڪري ڇڏيو.

sindhtv

Next Post
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ماڪڙ فصلن توڙي باغن تي حملو ڪري کائي ناس ڪري ڇڏيو.

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ماڪڙ فصلن توڙي باغن تي حملو ڪري کائي ناس ڪري ڇڏيو.

© 2020 - SINDHTVNEWS. All Rights Reserved

No Result
View All Result
  • پاڪستان
  • سنڌ
  • بين الاقوامي
  • ڪاروبار
  • رانديون
  • شوبز
  • دلچسپ ۽ عجيب
  • پروگرامز
    • حيدرآباد ٽائيم
    • جيڪب آباد ٽائيم
    • لائيف لائين
    • ڪراچي ڊائري
    • هاٽ اشوز
    • جائزو
    • بهائينڊ دي نيوز
    • راڄڌاني ٽائيم
    • منظر پسمنظر
    • شهيد بينظير آباد ٽائيم
    • ڪلاس روم
    • حقيقت
    • کيتي سر سيتي
    • اسپورٽس باڪس
    • نيو جنريشن
    • وستي وستي
    • سکر ٽائيم
    • ميرپورخاص ٽائيم
  • هيڊلائينز
  • وڊيوز
  • آرڪائيو
    • رپورٽس
    • ڊاڪيومينٽريز

© 2020 - SINDHTVNEWS. All Rights Reserved

Live Updates COVID-19 CASES
  • Pakistan
    Confirmed 516,770
    Active 33,763
    Recovered 472,099
    Death 10,908