سنڌ سرڪار جهاز حادثي بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، سنڌ جي صحت واري وزير عذرا پيچوهو چيو آهي ته جهاز حادثي کانپوءِ 97 لاش مليا آهن، جن مان 66 لاشن جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي.
ڪراچي ۾ صوبائي وزير ناصر شاهه ۽ مرتضيٰ وهاب سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي عذرا پيچوهو چيو ته جهاز حادثي جي فوتين ۾ 68 مرد، 26 عورتون ۽ 3 ٻار شامل آهن.
هن ٻڌايو ته سڃاڻپ نه ٿيڻ جوڳن لاشن جي ڊي اين اي ليب ۾ موڪليا ويا آهن.
سندس چوڻ هو ته هن مهل تائين 47 فوتين جي وارثن ڊي اين اي لاءِ سيمپل جمع ڪرايا آهن، ڊي اين اي جي جزن جا نتيجا 21 ڏينهن ۾ ايندا.
ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو ته فوتين مان 66 لاشن جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي، 6 زخمي علاج هيٺ آهن.
هن چيو ته زخمين مان 2 بچي ويل مسافر ۽ 4 علائقي جا رهواسي آهن.
ان موقعي تي سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو ته جهاز حادثي سبب ماڊل ڪالوني ۾ ڪو به ماڻهو فوت ناهي ٿيو.
هن چيو ته جهاز حادثي سبب 19 گهرن کي نقصان ٿيو آهي، ٻه گهر مڪمل تباهه ٿيا، 17 گهرن کي جزوي نقصان ٿيو آهي.
سندس چوڻ هو ته گهرن کي نقصان سبب متاثر ٿيلن کي هوٽل ۾ رکيو ويو آهي.
مرتضيٰ وهاب چيو ته سنڌ سرڪار ساڻن گڏ آهي، سندن هر ممڪن مدد ڪئي ويندي.
هن چيو ته جهاز حادثي جي شفاف انڪوائري ٿيڻ گهرجي
صوبائي وزير ناصر شاهه جو چوڻ هو ته جهاز حادثي تي سڄي قوم ڏکويل آهي، سڃاڻپ نه جوڳن لاشن جي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي ڪئي پئي وڃي.
هن چيو ته عيد جا اجتماع ٿيندا پر ايس او پيز تي عمل ڪرڻو پوندو.
سندس چوڻ هو ته جهاز حادثي واري علائقي ۾ گهڻ ماڙ عمارتون تعمير ٿيڻ جي ڳالهه درست ناهي.
ناصر شاهه چيو ته علائقي ۾ عمارتن لاءِ سول ايوي ايشن اختيارين کان اجازت ورتي ويندي آهي……………