ڪراچي جهاز حادثي ۾ معجزاڻي طور بچي ويل محمد زبير جو چوڻ آهي ته جڏهن جهاز جهٽڪا کاڌا ته ائين لڳو لينڊنگ ٿي رهيو آهي پر ايندڙ لمحي ۾ زوردار ڌماڪو ٿيو، جهاز ڪرڻ بعد جڏهن اکيون کوليون ته هر طرف دونهون پکڙيل نظر آيو.
ڪراچي جهاز حادثي ۾ معجزاڻي طور 2 مسافر بچي ويا، جن ۾ پنجاب بينڪ جو صدر ظفر مسعود ۽ محمد زبير شامل آهن
لاهور کان ڪراچي ايندڙ جهاز ۾ محمد زبير به سوار هو جنهن کي زخمي حالت ۾ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو.
اسپتال انتظاميا موجب محمد زبير کي سڙڻ سبب جسم تي زخم آيا آهن ۽ هن جو سول اسپتال جي برنس وارڊ ۾ علاج هلندڙ آهي.
زخمي محمد زبير چيو ته جهاز جهٽڪا کاڌا ته کيس ائين لڳو ته لينڊنگ ٿي رهيو آهي، پر ايندڙ لمحي ۾ زوردار ڌماڪو ٿيو ۽ کيس هوش نه رهيو، جهاز ڪرڻ بعد جڏهن اکيون کوليون ته هر طرف دونهون پکڙيل نظر آيو.
صوبائي وزير سعيد غني اسپتال ۾ محمد زبير جي عيادت ڪري خير خيريت معلوم ڪئي.
هوڏانهن سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب جاري ڪيل ٽوئٽ ۾ صديق ڪئي آهي ته جهاز حادثي ۾ ٻه مسافر معجزاڻي طور محفوظ رهيا آهن جن جي سڃاڻپ ظفر مسعود ۽ محمد زبير جي نالن سان ٿي آهي………