Sindhtv News
  • پاڪستان
  • سنڌ
  • بين الاقوامي
  • ڪاروبار
  • رانديون
  • شوبز
  • دلچسپ ۽ عجيب
  • پروگرامز
    • حيدرآباد ٽائيم
    • جيڪب آباد ٽائيم
    • لائيف لائين
    • ڪراچي ڊائري
    • هاٽ اشوز
    • جائزو
    • بهائينڊ دي نيوز
    • راڄڌاني ٽائيم
    • منظر پسمنظر
    • شهيد بينظير آباد ٽائيم
    • ڪلاس روم
    • حقيقت
    • کيتي سر سيتي
    • اسپورٽس باڪس
    • نيو جنريشن
    • وستي وستي
    • سکر ٽائيم
    • ميرپورخاص ٽائيم
  • هيڊلائينز
  • وڊيوز
  • آرڪائيو
    • رپورٽس
    • ڊاڪيومينٽريز
W3Schools
Sindhtv News
  • پاڪستان
  • سنڌ
  • بين الاقوامي
  • ڪاروبار
  • رانديون
  • شوبز
  • دلچسپ ۽ عجيب
  • پروگرامز
    • حيدرآباد ٽائيم
    • جيڪب آباد ٽائيم
    • لائيف لائين
    • ڪراچي ڊائري
    • هاٽ اشوز
    • جائزو
    • بهائينڊ دي نيوز
    • راڄڌاني ٽائيم
    • منظر پسمنظر
    • شهيد بينظير آباد ٽائيم
    • ڪلاس روم
    • حقيقت
    • کيتي سر سيتي
    • اسپورٽس باڪس
    • نيو جنريشن
    • وستي وستي
    • سکر ٽائيم
    • ميرپورخاص ٽائيم
  • هيڊلائينز
  • وڊيوز
  • آرڪائيو
    • رپورٽس
    • ڊاڪيومينٽريز
W3Schools
Sindhtv News
W3Schools
Home پاڪستان
ڪراچي انٽرنيشنل ايئرپورٽ ويجهو لاهور کان ايندڙ پي آءِ اي جو مسافر جهاز ڪري تباهه ٿي ويو

ڪراچي انٽرنيشنل ايئرپورٽ ويجهو لاهور کان ايندڙ پي آءِ اي جو مسافر جهاز ڪري تباهه ٿي ويو

by sindhtv
مَي 22, 2020
in پاڪستان
0
0
SHARES
7
VIEWS
Share on FacebookShare on Twitter

ڪراچي انٽرنيشنل ايئرپورٽ ويجهو لاهور کان ايندڙ پي آءِ اي جو مسافر جهاز ڪري تباهه ٿي ويو، حادثي جي نتيجي ۾  ڪيترائي ماڻهو فوت ٿي ويا جڏهن ته پنجن کان وڌيڪ گهرن کي به نقصان پهتو آهي. لاهور کان ڪراچي ايندڙ پي آءِ اي جو مسافر جهاز هوائي اڏي ڀرسان ڪري تباهه ٿي ويو. جهاز ماڊل ڪالوني ۽ ملير ڪينٽ ويجهو جناح گارڊن وٽ آبادي مٿان ڪريو ته ان کي باهه وڪوڙي وئي. جهاز ڪرڻ سبب چئن کان پنجن گهرن کي نقصان پهتو جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ ۽ ٽيليفون جون تارون به سڙي ويون. اکين ڏٺن شاهدن موجب جهاز ڪرڻ کان اڳ عمارتن جي ڇتن سان ٽڪرائجي ويو جنهن ڪري ڪيترن کي گهرن کي به نقصان پهتو، جڏهن ته گاڏين کي به باهه وڪوڙي وئي. هنن چيو ته جهاز ڪرڻ کان اڳ کاٻي پاسي جهڪيو، پهريون جهاز جي پڇڙي زمين سان ٽڪرائي جنهن سبب اڳين حصي جي سيٽن کي گهٽ نقصان پهتو.اکين ڏٺن شاهدن موجب پائليٽ آبادي کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر باهه لڳڻ  کانپوءِ جهاز ڪري تباهه ٿي ويو. حادثي کانپوءِ پاڪ فوج، رينجرز ۽ پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي امدادي ڪاررواين ۾ حصو ورتو. جهاز کي خوفناڪ باهه لڳڻ سبب سامونڊي فوج کان به مدد طلب ڪئي وئي. پاڪ فوج جي ڪوئيڪ رسپانس فورس به واقعي واري هنڌ پهچي امدادي ڪاررواين ۾ حصو ورتو. پي آءِ اي جي ترجمان موجب قومي ايئر لائن جي اڏام پي ڪي 8303  سان لينڊنگ دوران حادثو پيش آيو ۽ جهاز 2 وڳي 37 منٽن تي ڪري تباهه ٿي ويو. هن چيو ته پي آءِ اي جي استعمال هيٺ ايئر بس اي 320 جهاز گهڻو پراڻو نه هو،  ان جي عمر 10 کان 11 سال هئي ۽ جهاز کي مڪمل طور مينٽين رکيو ويو هو. سول ايوي ايشين اختيارين موجب پي آءِ اي جي تباهه ٿيل اڏام جو  لينڊنگ کان هڪ منٽ اڳ ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول سان رابطو ڪاٽا ٿي ويو هو. جهاز جي پائليٽ ۽ ٽريفڪ ڪنٽرول ٽاور وچ ۾ آخري رابطي جي آڊيو رڪارڊنگ به سامهون اچي وئي آهي جنهن ۾ جهاز جي پائليٽ هڪ انجڻ فيل ٿيڻ جو اطلاع ڏنو ۽ مي ڊي مي ڊي جي ڪال ڏني، جنهن تي پائليٽ کي آگاهه ڪيو ويو ته جهاز جي لينڊنگ لاءِ ٻه رن وي دستياب آهن جنهن کانپوءِ سندس رابطو ڪٽجي ويو. سول ايوي ايشن جي ذريعن موجب جهاز ۾ فني خرابي پيدا ٿي ۽ لينڊنگ کان اڳ ڦيٿا نه کلي رهيا هئا جنهن تي اڏام کي رائونڊ اپ جو چيو ويو پر ان دوران جهاز آبادي تي ڪري تباهه ٿي ويو. پي آءِ اي موجب جهاز ۾ 91 مسافر ۽ عملي جا 7 ماڻهو شامل هئا، جنهن موجب 51 مرد، 31 عورتون ۽ 9 ٻارڙا سوار هئا. جهاز ۾ سينئر صحافي ۽ چينل 24 جو پروگرامنگ ڊائريڪٽر انصار نقوي به شامل هو، جڏهن ته بئنڪ آف پنجاب جو صدر ظفر مسعود، زبير نالي نوجوان، هڪ عورت ۽ هڪ ٻارڙو معجزاڻي طور محفوظ رهيا. جهاز جي ڪپتان جو نالو سجاد گل آهي، جڏهن ته عملي ۾ عثمان اعظم، فريد احمد، عبدالقيوم اشرف، ملڪ عرفان رفيق، عاصمه ۽ مديحا ارم شامل آهن. جهاز ۾سوار مسافرن ۾ اسلم علي، ارجمند، فرده علي، ارمغان، فوزيا، راءِ عطاالله، بيگم برڪت علي، فريحا بشارت، مهرين دانش، دلشاد به شامل آهن. حميرا اڪرم، فاروقي ايلين، عنايا افضل، اشتاق احمد، محمد شعيب، محمد طارق، فاطمه زهره، صائمه عمران، عبدالفتح، رحيم، محمد زبير، سليم، زوهيب، واحده رحمان، ريا ڪريم، عائشه به مسافرن ۾ شامل آهن. سعد محمود، طاهره، محمد اسامه، حزيفا عمران، مهرين دانش، حفصه چوڌري، محمد مبشر، صديق، شهناز پرويز، فريال رسول، نوشين طاهر، ماهان، زهره نفيس، افضال ڪاشف، عثمان، صديق، آصف راجا به تباهه ٿيل جهاز ۾ سوار هئا. مسافرن ۾ احمد شبير،  نويد ڪريم، شهناز ڪريم، ڪرن شاهد، محمد وقاص به شامل آهن.

(Visited 7 times, 1 visits today)

لاڳاپيل خبرون

مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو اضافو جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
پ پ چيئرمين عوام کي عيد سادگي سان ملهائڻ جي اپيل ڪري ڇڏي
آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا پاران قوم کي عيدالفطر جي مبارڪ
آمريڪي رياست مـِـنيسـُـوٽا جي شهر مـِـنـِـيا پولـِـسِ جي ضلعي ڪائونسل ميمبرن جي اڪثريت مقامي پوليس ک...
ShareTweetShare
Previous Post

ڪراچي ايئرپورٽ ويجهو مسافر جهاز ڪري تباهه ٿي ويو

Next Post

سنڌ جي صحت واري وزير عذرا پيچوهو طرفان جناح اسپتال جو دورو

sindhtv

Next Post
سنڌ جي صحت واري وزير عذرا پيچوهو طرفان جناح اسپتال جو دورو

سنڌ جي صحت واري وزير عذرا پيچوهو طرفان جناح اسپتال جو دورو

© 2020 - SINDHTVNEWS. All Rights Reserved

No Result
View All Result
  • پاڪستان
  • سنڌ
  • بين الاقوامي
  • ڪاروبار
  • رانديون
  • شوبز
  • دلچسپ ۽ عجيب
  • پروگرامز
    • حيدرآباد ٽائيم
    • جيڪب آباد ٽائيم
    • لائيف لائين
    • ڪراچي ڊائري
    • هاٽ اشوز
    • جائزو
    • بهائينڊ دي نيوز
    • راڄڌاني ٽائيم
    • منظر پسمنظر
    • شهيد بينظير آباد ٽائيم
    • ڪلاس روم
    • حقيقت
    • کيتي سر سيتي
    • اسپورٽس باڪس
    • نيو جنريشن
    • وستي وستي
    • سکر ٽائيم
    • ميرپورخاص ٽائيم
  • هيڊلائينز
  • وڊيوز
  • آرڪائيو
    • رپورٽس
    • ڊاڪيومينٽريز

© 2020 - SINDHTVNEWS. All Rights Reserved

Live Updates COVID-19 CASES
  • Pakistan
    Confirmed 532,412
    Active 34,628
    Recovered 486,489
    Death 11,295