ريلوي واري وزير شيخ رشيد سڀاڻي کان ٽرينن جي ٽڪيٽن جي بڪنگ ڪائونٽرن ذريعي شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. هڪ بيان ۾ ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو ته ٽڪيٽن جي بڪنگ سڀاڻي صبح اٺين وڳي کان شام پنجين وڳين تائين ڪئي ويندي. هن چيو ته ڪورونا وائرس کان بچاءَ لاءِ احتياطي اپاءَ اختيار ڪرڻ عوام جي ذميواري آهي. سندس چوڻ هو ته آن لائن سسٽم ۾ خرابي پيدا ٿي آهي، روالپنڊي، لاهور، ڪراچي، ملتان، سکر، پشاور ۽ ڪوئٽا ۾ ٽڪيٽن جي بڪنگ ڪائونٽرن جي هڪ هڪ کڙڪي کولي ويندي. شيخ رشيد چيو ته ٽڪيٽن جي بڪنگ لاءِ مڪمل ايس او پيز سان ڪم ڪيو ويندو.
(Visited 5 times, 1 visits today)