کنڊ اسڪينڊل جي فارنزڪ آڊٽ مڪمل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ٽيڪسن جي مد ۾ اربين رپين جي ٺڳيءَ جو انڪشاف ٿيو آهي، رپورٽ وزيراعظم آڏو پيش ڪرڻ لاءِ اڄ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿي رهيو آهي. ايف آءِ اي کنڊ اسڪينڊل جي فارنزڪ آڊٽ مڪمل ڪري ورتي آهي، جنهن جي رپورٽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ وزيراعظم عمران خان کي موڪلي ويندي، رپورٽ ۾ شگر مل انتظاميا جي بيانن کي به رڪارڊ جو حصو بڻايو ويو آهي. ايف آءِ اي ذريعن موجب ڪنهن به اسڪينڊل جي جاچ ۾ پهريون ڀيرو فارنزڪ آڊٽ ڪرائي وئي، جنهن ۾ وڏا انڪشاف سامهون آهن، شگر مافيا جو تعلق وڏين سياسي پارٽين سان آهي، جنهن هيل تائين ڪا پاليسي ئي ٺاهڻ ناهي ڏني. ذريعن موجب اسٽيٽ بئنڪ ۽ ٻيا ادارا به ان ۾ ملوث آهن، جاچ شروع ٿي ته سڀ هڪ ٿي ويا، جاچ ڪميشن جي ڪيترن ئي آفيسرن کي ڌمڪين سان گڏوگڏ ڪروڙين رپين جي آڇ پڻ ٿي. ايف آءِ اي ذريعي شگر مافيا هارين ۽ آبادگارن جو استحصال ڪندي آهي، هارين کان ڪمند خريد ڪرڻ کانپوءِ ڪيترائي سال اربين رپيا ادائگي نه ڪئي ويندي آهي، جنهن سبب هاري مجبوريءَ ۾ ڪمند وڪرو ڪندا آهن. ذريعن ٻڌايو ته کنڊ ٺاهڻ جي عمل مان نڪرندڙ فوڳ کي وڪرو ڪري اربين رپيا ڪمايا ويندا آهن. ايف آءِ اي ذريعن موجب شگر مافيا سمورا خرچ ڪڍي به في ڪلو 10 کان 15 رپيا ڪمائيندي آهي. کنڊ اسڪينڊل جي رپورٽ وزيراعظم عمران خان آڏو پيش ڪرڻ لاءِ وفاقي ڪابينا جو خاص اجلاس اڄ طلب ڪيو ويو آهي.وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي. اجلاس دوران واجد ضياءَ وزيراعظم آڏو رپورٽ پيش ڪندو. وفاقي ڪابينا رپورٽ جاري ڪرڻ نه ڪرڻ بابت فيصلو ڪندي.