سنڌ سرڪار تعليمي آن لائن تعليمي سرگرمين لاءِ ايپ متعارف ڪرائي ڇڏي آهي، تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته في الحال حڪومت اسڪول کولڻ جي پوزيشن ۾ ناهي، جيڪڏهن اسڪول کلي به ويا ته والدين ٻارڙن کي اسڪول نه موڪليندا. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو ته ڊجيٽل ڪلاس ايپ سنڌي، اردو ۽ انگريزي زبان ۾ هوندي، اهو ايپ ڊجيٽل ڪلاس طرف پهريون قدم آهي. هن چيو ته اها ايپ اسڪول جو متبادل نٿي ٿي سگهي، اڪثر ماڻهن وٽ نيٽ سهولت ناهي، ان تي ڪم ڪريون پيا. سعيد غني چيو ته هو چاهين ٿا ته وڌ کان وڌ ٻارن کي سسٽم ۾ آڻين. سندس چوڻ هو ته هو اسڪول کولڻ جي پوزيشن ۾ ناهين، ڪوشش ڪئي به وڃي تڏهن به اسڪول کلي نه سگهندا. سعيد غني چيو ته جيڪڏهن اسڪول کوليا ويا ته والدين ٻارن کي نه ڇڏيندا. سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جي سنڌ لاءِ هڪ ۽ ٻين صوبن لاءِ ٻي پاليسي آهي، شاپنگ مال بند رکڻ جو فيصلو به وفاق جو هو. سعيد غني چيو ته ڪي پي ۾ واپار کوليندڙن تي گوليون هلايون ويون، ڪراچي ۾ ڪاروبار کولڻ جو چيو ئي ٻٽي پاليسي هلائي پئي وڃي. صوبائي وزير سعيد غني چيو ته پي ٽي آءِ وارا ٻڌائن ته وفاق جي پاليسي تي عمل نه ڪرڻو آهي ته شاپنگ مال کولي ڇڏيندا،