قومي احتساب بيورو حمزا شهباز شريف خلاف ڪيس بابت وضاحتي بيان جاري ڪري ڇڏيو آهي. نيب جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته نيب وٽ حمزا شهباز خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ڪيس ۾ مضبوط دستاويز ۽ شاهديون موجود آهن. قومي احتساب بيورو پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته حمزا شهباز شريف خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ڪيس ۾ شاهد ۽ شاهديون اهتساب عدالت لاهور ۾ پيش ڪيون وينديون، عدالت ۾ قانون پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندو. ترجمان موجب لاهور هاءِ ڪورٽ پهريون ئي ضمانت رد ڪري چڪي آهي، حمزا شهباز شريف جي بينگاهي جو فيصلو ڪرڻ به عدالتن جو اختيار آهي. هن چيو ته نيب ڪنهن ڌمڪي، دٻاءَ، بي بنياد واويلا جي پرواهه کانسواءِ پنهنجو ڪم جاري رکندي. نيب ترجمان چيو ته حمزا شهباز شريف ڪيس ۾ ميڊيا تي بيان ڏيندڙ عدالت ۾ شاهد بڻجي وڃن