سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته مختلف شهرن جي آئسوليشن سينٽرن ۾ داخل مريض جي صحتياب ٿيڻ جو سلسلو پڻ جاري آهي. حيدرآباد جي اسپتال ۾ علاج هيٺ ڪورونا جو مرض زندگي جي جنگ هارائي ويو. اسپتال انتظاميه موجب ڪورونا ۾ مبتلا مريض 5 ڏينهن کان علاج هيٺ هو، جنهن اڄ دم ڏنو. اسپتال انتظاميه موجب فوتي شخص جو مڙهه ضروري ڪارروائي بعد ضلعي انتظاميه حوالي ڪيو، جيڪا ايس او پيز تحت مڙهه جي تدفين ڪندي. ميرپورماٿيلي جي ڊسٽرڪٽ اسپتال جو هڪ سينيئر ڊاڪٽر به ڪورونا ۾ مبتلا ٿي ويو. ڊي ايڇ ڪيو اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر صادق شاھ تصديق ڪندي ٻڌايو ته ڪجھ ڏينھن اڳ 43 ڄڻ جا سيمپل موڪليا ھيا جن ۾ سول اسپتال ميرپور جي هڪ ڊاڪٽر جي رپورٽ ھاڪاري آئي ۽ 42 ڄڻ جو ناڪاري نتيجو آيو آھي هن چيو ته ڪورونا متاثر ڊاڪٽر پرائيوٽ ڪلينڪ تي پريڪٽس ڪندو هو. گهوٽڪي ۾ پڻ ڪرونا وائرس جا وڌيڪ 9 ڪيس ظاهر ٿيڻ جي تصديق وئي آهي، جن جو تعلق لاکا پاڙي سان آهي. ڊي سي جو چوڻ آهي ته مختلف علائقن مان 150 ماڻهن جا سيمپل ورتا ويا هئا، جن مان 141 ماڻهن کي چڪاس بعد ڪلئير قرار ڏنو ويو آهي. شڪارپور ۾ وڌيڪ 11 مقامي ماڻھن ۾ ڪرونا وائرس جي تصديق ٿي وئي آھي، جن ۾ ھڪ عورت ۽ 10 مرد شامل آھن. انتظاميا ضلعي اندر مقامي متاثرن جو انگ وڌي 122 تائين پهچي ويو آهي، جڏھن ته مجموعي انگ وڃي 136 ٿي چڪو آھي. ضلعي انتطاميه موجب ھڪ پيرسن ڪورونا وائرس سبب فوت پڻ ٿي چڪو آھي. ضلعي انتظاميه پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته سکر منتقل ڪيل ڪورونا وائرس جي مبتلا مريضن مان 12 ڄڻا صحتياب ٿي پنھنجي گھرن ڏانھن روانا ٿي چڪا آھن، ٽنڊي محمدخان جي اسٽيشن روڊ ڀرسان هڪ بئنڪ جي اڪائونٽنٽ جي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق ٿي وئي آهي. ڊي ايچ او ڊاڪٽر محمد يوسف جهيجو جو چوڻ هي ته بئنڪ اڪائونٽنٽ جي رپورٽ هاري اچڻ بعد بئنڪ کي سيل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته بئنڪ جي 12 ملازمن جون پڻ ٽيسٽون ورتيون ويون جيڪي نيگيٽو آيون آهن. ميرپورخاص ڊويزن جا 133 پوليس اهلڪارن ۽ آفيسرن جون ڪورونا کان ڪلئير ٿي ويا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ سي پي ايل سي ۽ ڊاڪٽر عيسيٰ ليبارٽري جي گڏيل تعاون سان ميرپورخاص ڊويزن جي 133 پوليس اهلڪارن ۽ آفيسرن جون، ڪورونا، ايڇ آءِ وي، هيپاٽائٽس اي اينڊ بي ، ڪوليسٽرول شگر ۽ سميت ٻين بيمارين جون ٽيسٽون ڪيون ويون هيون. غوثپور ۾ به صحت کاتي پاران 35 ڄڻن جا سيپمل ورتا ويا، جن کي چڪاس لاءِ ليبارٽري اماڻيو ويو. دادو ضلعي جي شهر ميهڙ ۽ ٿرري جادو واسين ٻن ڄڻن کي ڪورونا جي تصديق ٿي وئي آهي، جنهن بعد کين آئسوليٽ ڪيو ويو آهي.ميرو خان ۾ پڻ 15 ڄڻن جي رپورٽ نيگيٽو اچي وئي آهي