ٺري ميرواهه ۾ جج ٿاڻي تي ڇاپو هڻي ناحق باندي بڻايل شخص کي بازياب ڪرائي ورتو. فرسٽ سول جج عبدالصمد نون ٺري ٿاڻي تي ڇاپو هنيو. ڇاپي دوران باندي بڻايل ڪرم علي ڏهر کي بازياب ڪرايو ويو، جڏهن ته جج ٺري ميرواهه ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي سڀاڻي رڪارڊ سميت عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم پڻ ڏنو. بازياب ٿيل ڪرم علي ڏهر صحافين سان پوليس بااثر جي ونگار وهندي کيس گرفتار ڪرڻ بعد لاڪپ ڪري ڇڏيو هو. ڪرم علي جو چوڻ هو ته اڄ جج ڇاپو هڻي کيس بازياب ڪرايو آيو آهي
(Visited 2 times, 1 visits today)