وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته 87 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، 14 ماڻهو وينٽي ليٽر تي آهن، اڄ سڀ کان وڌيڪ موت ٿيڻ تي سندس دل ڏکاري آهي.جاري ڪيل بيان ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 14 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن جنهن بعد فوتين جو انگ 171 ٿي ويو آهي.هن چيو ته صوبي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 453 ڪيس ظاهر ٿيا آهن، نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد مريضن جو انگ 9 هزار 93 ٿي ويو. وڏي وزير چيو ته ظاهر ٿيل ڪيسن مان 335 ڪراچي جا آهن، جن مان سينٽرل ضلعي ۾91، ڏکڻ ضلعي ۾81 ۽ اوڀر ۾69 ڪيس سامهون آيا. سندس چوڻ هو ته ملير ۽ ڪورنگي ضلعن ۾ 33-33 ۽ اولهه ضلعي ۾ 28 ڪيس ظاهر ٿيا. سيد مراد علي شاهه چيو ته لاڙڪاڻي ۾ 35، خيرپور ۾ 16، سکر ۾ 12 ڪيس رپورٽ ٿيا، جڏهن ته حيدرآباد ۾ 9، ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ 8، سانگهڙ ۾ 3 ڪيس ظاهر ٿيا. وڏي وزير چيو ته صوبي ۾ 87 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. هن چيو ته هيل تائين پرڏيهه مان آيل 515 ماڻهن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته اڄ سڀ کان وڌيڪ موت ٿيڻ تي سندس دل ڏکاري آهي