نوابشاهه ۾ مڙس هٿان باندي بڻايل عورت کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو آهي.
شهر جي دولت ڪالوني ۾ وومين پوليس جي ايس ايڇ او مريم ڀرٽ ڳجهي اطلاع تي هڪ جاءِ تي ڇاپو هڻي ناري خشبو ۽ سندس 6 ورهين جي نياڻي ايمان فاطمه کي بازياب ڪرائي ورتو، جنهن ٻنهي کي وومين پوليس اسٽيشن منتقل ڪيو ويو.
ان موقعي تي ايس ايڇ او ٻڌايو ته دولت ڪالوني ۾ شمشير ميمڻ نالي هڪ شخص پنهنجي زال ۽ 6 ورهين جي معصوم نياڻي کي گذريل 5 ڏينهن کان ڪمري ۾ بند ڪري تالو هڻي ڇڏيو آهي، جنهن کان پوءِ پوليس ڇاپو هڻي عورت ۽ نينگري کي هٿ ڪري ورتو.
بازياب ٿيل ناري جو چوڻ هو ته ٽي سال اڳ شمشير سان پيار جو پرڻو ڪيو هيو، پر شادي کان پوءِ تشدد ڪندو رهندو هو.
هوڏانهن جوابدار شمشير ميمڻ پوليس کي ڏسي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته آخري اطلاع تائين جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو.